Posts

شاعري اسان جو ٿر آهي اهڙو جنت الفردوس جهڙو جڏهن ٿو مينهن وسي ٿو ڪشمير وادي لڳي اسان جو ٿر آهي اهڙو جنت الفردوس جهڙو جڏهن سڱرين ساڳ ٿئي مهڪي مارن ماڳ پوي جنگ نه ڪوئي جهيڙو اسان جو ٿر آهي اهڙو جنت الفردوس جهڙو گاهن ۾ گل ٽڙن ٿا ماڳن مال مڙن ٿا مورن جت آهي کيڙو اسان جو ٿر آهي اهڙو جنت الفردوس جهڙو       معشوق علي جنجھي
شاعري اسان جي ٿر جون پريون کڻن مٿي تي روز ڀريون پنهنجي پيٽ پلڻ لـٔي پنهنجي گهر ھلڻ لـٔي ۽ وري ورن ساڻ ڏٺيون اسان جي ٿر جون پريون کڻن مٿي تي روز ڀريون جنين جي جنون جي جھڙي ڪجي ڳالھ  تھڙي اھي سدا ڏڪار سان بھي لڙيون اسان جي ٿر جون پريون کڻن مٿي تي روز ڀريون وري ڪڏهن چيل تي گاگر سدا  چھري تي تن جي چادر  پوء کوھن تان ٿي وريون اسان جي ٿر جون پريون کڻن مٿي تي روز ڀريون معشوق علي جنجھي