شاعري

اسان جو ٿر آهي اهڙو
جنت الفردوس جهڙو
جڏهن ٿو مينهن وسي
ٿو ڪشمير وادي لڳي
اسان جو ٿر آهي اهڙو
جنت الفردوس جهڙو
جڏهن سڱرين ساڳ ٿئي
مهڪي مارن ماڳ پوي
جنگ نه ڪوئي جهيڙو
اسان جو ٿر آهي اهڙو
جنت الفردوس جهڙو
گاهن ۾ گل ٽڙن ٿا
ماڳن مال مڙن ٿا
مورن جت آهي کيڙو
اسان جو ٿر آهي اهڙو
جنت الفردوس جهڙو

      معشوق علي جنجھي

Comments

Popular posts from this blog